ريڊيائي فلڪيات

ريڊيائي فلڪيات

ريڊيائي فلڪيات

ريڊيائي فلڪيات (Radio Astronomy): ريڊيائي فلڪيات، فلڪيات جي اهڙي شاخ آهي، جنهن ۾ تارن ۽ خلا ۾ موجود مادي جي ڪڪرن مان موڪليل ريڊيائي لهرن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. ڪيتريون ڪهڪشائون، تارا ۽ سج ريڊيائي لهرون موڪليندا رهن ٿا، جيڪي ڏسي نه سگھبيون آهن ۽ نه وري عام دوربين وسيلي انهن جو پتو لڳائي سگھبو آهي، پر رسدي ايريئلن (Receiving Aerials) وسيلي عام ريڊيائي نشريات وانگر انهن جو پتو لڳائي سگھبو آهي. هي لهرون ايريئلن ۾ هلڪا برقي وهڪرا پيدا ڪن ٿيون، جن کي آواز ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو، پر خلائي رسدگاهن ۾ انهن لهرن کي هڪ خاص قسم جي رسدي اوزارن (Receivers) تي آندو ويندو آهي، جن کي ’ريڊيائي دوربينون‘ (Radio Telescopes) چئبو آهي. ريڊيائي دوربينيون تمام وڏيون ٿينديون آهن ته جيئن خلا مان وڌ ۾ وڌ لهرون جھٽي سگهن. انهن سمورين لهرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويندو آهي ته جيئن منجھائن پيدا ٿيندڙ برقي وهڪرو ايترو نمايان هجي، جو آسانيءَ سان رڪارڊ ڪري سگھجي. ڪن ريڊيائي دوربينن کي وڏيون پيالي جھڙيون آرسيون، (رفليڪٽرز) هونديون آهن، جن جو منهن آسمان جي ڪنهن به حصي ڏانهن آسانيءَ سان ڦيرائي سگھجي ٿو. ڪي رفليڪٽر سوين فوٽ قطر جا هوندا آهن. رفليڪٽر جي سامهون ايريل هوندي آهي، جيڪا سڀني لهرن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪندي آهي. لهرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ برقي وهڪرا خود ڪار اوزارن وسيلي رڪارڊ ٿيندا رهندا آهن ۽ ڪاغذ تي لهرن واريءَ ليڪ وانگر نظر ايندا آهن. انگلنڊ ۾ ’جاڊريل نديءَ‘ جي ڪناري تي قائم ڪيل رسدگاهه ۾ هڪ تمام وڏي ريڊيائي دوربين موجود آهي. هيءَ رسدگاهه دنيا جي وڏين رسدگاهن مان هڪ ليکي وڃي ٿي، تنهن کان سواءِ هڪ هزار فوٽ قطر واري هڪ ريڊيائي دوربين ويسٽ انڊيز جي ’پيورٽو رڪو‘ (Puerto Rico) نالي هنڌ تي ٺاهي وئي آهي. اتي ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري هڪ وڏي کڏ ٺهي پئي هئي، جنهن کي پالش ڪيل اليومينم جو استر ڏيئي ريڊيائي دوربين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هيءَ دوربين هونئن ته ڏاڍي ڪارگر آهي، پر ان کي چوري پوري نٿو سگھجي. عام دوربينن جي مقابلي ۾ ريڊيائي دوربين خلا ۾ تمام اتاهين ڳولا ڪري سگھي ٿي.


لفظ ريڊيائي فلڪياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو